شيطان فقير

شيطان فقير: ناليواري مزاحمتي شاعر شيطان فقير جو اصل نالو فقير رمضان اوٺو هو. هو نواب ولي محمد لغاري، تعلقي دولتپور، ضلعي شهيد بينظير آباد جو رهاڪو هو. پنهنجي وقت جو سٺو شاعر ۽ سگهڙ ٿي گذريو آهي. شيطان فقير سٺو سماجي ورڪر، سنڌ جو شيدائي ۽ باغي شاعر هو. سندس ڪجهه شاعري سندس ڀاءُ عثمان وٽ محفوظ آهي، باقي ڪيتري ئي شاعري ضايع ٿي چڪي آهي. شيطان فقير جي تربت نواب ولي محمد ۾ آهي. سندس شاعريءَ جو نمونو هيٺ ڏجي ٿو:
نظاري چڙهياسين چڀڻ ڪو نه ٿيندو،
وڙهي ڄاڻ وياسون، ٺهڻ ڪو نه ٿيندو.


لفظ شيطان فقيرھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو